درگاهه وريل شاهه بخاري

درگاهه وريل شاهه بخاري

درگاهه وريل شاهه بخاري

درگاهه وريل شاهه بخاري: شهيد وريل شاهه بخاري جي درگاهه ڳوٺ عنايت الله سومري، تعلقي ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي. وريل شاهه لاءِ مشهور آهي ته هيءُ اهل الله شخص هو. مقامي ماڻهو ڏانهس ڪيتريون ئي ڪرامتون منسوب ڪن ٿا. وريل شاهه جي مزار تي پراڻو مقبرو تعمير ڪيل هو، جنهن کي ڊاهي هاڻي تازو جديد طرز جو نئون مقبرو تعمير ڪيو ويو آهي.
مقبرو سيمينٽ جي ٿلهي تي، پڪين سرن سان رٿيو ويو آهي. اوساري ۾ سيمنٽ وغيره ڪتب آندل آهي. مهاڙيءَ ۾ کليل اڱڻ اٿس. ٿلهي تي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ آهي. مهاڙيءَ ۾ چوڪاٺي سان سادو ڪاٺ جو دروازو ۽ پاسن کان ٽن طاقن واريون دريون لڳايون ويون آهن. پيڙهه ۾ چونو ڪري باقي سامهون واري ديوار تي رنگ روغن سان زيبائشي چٽ ڪڍيا ويا آهن. ٻنهي ڪنڊن تي ٻيڙ- ٻني کي وڌائي وڏا گنبذ رکيا ويا آهن. وچ تي سونهري رنگ جو گنبذ ڇت تي رکيل آهي، جنهن تي ابتي ڪوڻيءَ جي گل جو نمونو ڪڍي نيل هنئي وئي آهي. ڇت ٽيئرن ۽ گارڊرن سان گل وارين پڪين سرن جي ٻڌل آهي. ورانڊي ۾ هڪ ڪمرو اٿس. اندرئين حجري ۾ سنگ مرمر جي سرن تي ٻڌل ٿلهي تي وريل شاهه جي مزار آهي. هتي ڪيترائي زائرين ايندا رهن ٿا. درگاهه جو مجاور در محمد فقير آهي. هن درگاهه تي هر سال ٽين شوال تي ميلو لڳي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو